اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ مح??ول?? واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، مح??ول?? لاءِ نوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هڪ سال ۾ ??ال??ي سطح تي تي جي ڊي پي جي ش??ح ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آهي، اهڙيءَ طرح ??ال??ي سطح تي مهانگائيءَ جي ش??ح ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ??ال??ي واپار ۾ تقريبن 5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن کان پاڪستان به متاثر ٿيو آهي. جاري مالي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. روانگي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روانگي واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين وٺي وڃون. مح??ول?? جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا ڳوليا ويندا. انهن قدمن سان انشاءَ ا??له 3.5 سيڪڙو جي ڊي پي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.