اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تا??ين وڃي سگهي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ عمران نيازي جي نئين چال جي پٺيان بُرن ارادن بابت ڪير غلطي نه ڪر??، هڪ ڀيرو ٻيهر هو 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن ۾ پنهنجي ڏوهه تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ”حقن جي خلاف ورزي“ جا گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته مون ک?? ان جي حرڪتن تي ڪو تعجب نه آهي. هن چيو ته جيڪو شخص مسلسل رياستي ادارن جي خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪر??، ماڻهن ک?? تشدد تي اتساهي، رياستي علامتن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪر?? ۽ شهيدن جي يادگارن ک?? ڪيرائي اهو ڪنهن به حد تا??ين وڃي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي غلط معلومات پکيڙيندڙن جي صدارت ڪئي جن ماڻهن ک?? بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ جعلي خبرن جو ط??يقيڪار اختيار ڪيو، ان بابت سڀ ڪجهه نفرت، ورڇ ۽ ڪوڙ آهي.