اسلام آباد -22 مئي (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي ??يام جي 72هين سالگره جي ??وقعي تي هتي چيني سفارتخاني ۾ پاڪستاني سفارتڪارن سان گڏ ”چين پاڪستان بي مثال دوستي ۽ روشن مستقبل“ جي عنوان سان هڪ آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب جو خاص مهمان چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پينگ چنڪسو، پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، فارن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل مظهر جاويد آجياڻي کي خطاب ڪيو. آجياڻي واري تقريب ۾ چين ۾ پرڏيهي وزارت جي عملدارن ??ين ۾ اڳوڻن پاڪستاني سفيرن ۽ چيني سفارتڪارن ??ان علاوه نوجوان پاڪستاني سفارتڪارن به شرڪت ڪئي. پينگ چنڪسو چيني سفارتخاني ۾ دوستن جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گهرن تاريخي پاڙن، ٺوس عوامي حمايت ۽ اهم عملي ضرورتن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته هن سال صدر شي جن پنگ جي تجويز ڪيل بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10هين سالگره ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي شروعات جي 10هين سالگره آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن پاران گڏيل ڪوششن سان سي پيڪ صنعت، زراعت، آءِ ٽي، قدرتي آفتن کان بچاءَ ۽ غربت جي خاتمي وغيره جي شعبن ۾ لاڀائتا نتيجا حاصل ڪيا آهن، جنهن پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي ه??ي ڏيڻ، پاڪستان جي انفراسٽرڪچر کي اپگريڊ ڪرڻ ۽ بهتري بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستاني عوام جي ??لاح ۽ بهبود، عوام وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ علائقائي رابطن کي ه??ي ڏيڻ سبب سي پيڪ، چين پاڪستان سهڪار جو ناليواري سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي ??ضبوط قيادت ۾ چين پنهنجي جديد ڪاري جي عمل کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌائي رهيو آهي. چين پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي چيني جديديت ۾ نئين ڪاميابين سان گڏوگڏ نوان موقعا فراهم ڪندو. هن چيو ته اسرندڙ مل??ن طور چين ۽ پاڪستان ٻئي مسلسل ترقي جون راهون تلاش ڪري رهيا آهن، جيڪي انهن جي ??ومي حالتن مطابق آهن ۽ ٻنهي ملڪن عالمي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. چيني سفارتخاني جي ??اظم الامور چنڪسو چيو ته 5 مئي کان 6 مئي تائين چين جي رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير ڪن گينگ پاڪستان جو ڪامياب دورو ڪيو، جيڪو پاڪستان چين لاڳاپن ۽ چين پاڪستان هڪ موسمي تعاون جي شراڪتداري کي مضبوط ۽ وسعت ڏيڻ ۾ تمام گهڻي اهميت وارو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي سفارتڪارن جي ??حنت، ڪوششن ۽ شراڪتداري لاءِ کنيل قدمن کي به ساراهيو. هن زور ڀريو ته چين ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان سان هٿ ملائيندو ۽چين پاڪستان دوستي جي عظيم مقصد کي اڳڀرائي سان مسلسل ه??ي ڏيندو.
تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان چين ۽ پاڪستان جي بي مثال دوستي ۽ تعاون جي ڪاميابين ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳوڻن سفارتڪارن جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جي ڪمپائونڊ جي تبديلي خود ٻنهي ملڪن جي دوستي کي ه??ي ڏيڻ جي شاهد آهي. چين پنهنجي سفارتخاني جي ڪمپائونڊ پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي جيڪو فارن سروس اڪيڊمي بڻجي ??يو ۽ نئون ڪمپائونڊ پرڏيهه ۾ سمورن ??يني سفارتخانن ۾ سڀ کان وڏو ڪمپائونڊ بڻجي ??يو. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته چيني دوست هميشھ پاڪستان جي خودمختياري ۽ آزادي، مالي استحڪام ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ فراخدلاڻي مدد ۽ حمايت ڪن ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري سان پاڪستان جي ??عيشت ۽ معاشري ۾ خوشحالي ۽ ترقي ٿي آهي، جنهن جي ??اءِ پاڪستان دل سان شڪرگذار آهي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي 10 هين سالگره ۽ سي پيڪ جي شروعات جي ??وقعي تي چين ۽ پاڪستان کي گڏيل طور ان يادگار لمحي کي ملهائڻ گهرجي. هن چيو ته هاڻي چين پاڪستان دوستي جو جهنڊو سفارتڪارن جي ??ئين نسل جي حوالي ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جا سفارتڪار گڏيل مستقبل سان هڪ ويجهي چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ان موقعي تي پاڪستاني نوجوان سفارتڪارن ??يو ته تقريب ۾ استقبال تمام گرمجوشي واري ۽ متاثر ڪندڙ هئي، جنهن سان چين ۽ پاڪستان جي باري ۾ انهن جي علم ۽ سمجهه ۾ واڌارو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ??وجوان سفارتڪارن جي دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.