اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائ?? تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪ??تا??ي وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير شنگهائ?? تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڀارت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي دعوت تي ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ اسان جي شرڪت شنگهائ?? تعاون تنظيم جي چارٽر ۽ عمل جي لاءِ پاڪ??تا?? جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا پاڪ??تا?? پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ خطي جي لاءِ ڏي ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آخري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.