راولپنڊي – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ٻين منصوبن وانگر اسپتالن کي به نظرانداز ڪري رکيو، عوامي خدمت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سياست نه ٿيڻ گهرجي، انسانيت جي خدمت ۽ مريضن کي ع??اج جون سهولتون مهيا ڪرڻ تمام وڏي عبادت آهي، اسان سڀني کي گڏجي غربت، جهالت، بيروزگاري، بيم??ري جي خاتمي ۽ ملڪ ک?? قائد ۽ اقبال جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن جي افتتاح کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قومي اسيمبلي جا اڳوڻا ميمبر حنيف عباسي، ملڪ ابرار، حاجي پرويز خان، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، راولپنڊي جو اڳوڻو ميئر سردار نسيم خان، ضياءَ الله شاهه، راجا محمد حنيف، راحت مسعود قدوسي، صحت وارو نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر جمال ناصر ۽ راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عمر، صحت وارو صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هن يورالوجي انسٽيٽيوٽ جو معائنو ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جي خوشي آهي ته ان جي پهرين مرحلي ۾ اڄ کان باقاعده طور تي مريضن جي بهترين علاج جي شروعات ٿي رهي آهي، هتي ڏني ويندڙ سهولتن سان مطمئن آهيان، رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ مريضن کي ع??اج مهيا ڪرڻ هڪ تمام وڏي عبادت آهي، هن ??سپتال جو بنياد 2009ج ۾ رکيو ويو هو، 2013ع کانپوءِ اسان ان جي لاءِ فنڊز مهيا ڪيا، هيستائين اٽڪل 5 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، هن ??سپتال کي ڏکويل انسانيت جي ع??اج جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر اڳوڻي حڪومت باقي منصوبن وانگر هن ??سپتال کي به نظرانداز ڪري رکيو پر ڪورونا دوران هن ??سپتال بي پناهه خدمتون انجام ڏنيون ڇو ته هتي ع??ارت ۽ وينٽي ليٽرز موجود هئا ۽ ڪورونا جي ع??اج جو هي اهم مرڪز رهيو، اهڙي طرح لاهور ۾ پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور ٽرانسپلانٽ انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) ۾ پڻ جگر ۽ گردي جي پيوندڪ??ري جي سوين مريضن جي ع??اج جو ان??ظا?? ڪيو ويو پر اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار مون تي ان معاملي ۾ 20 ارب رپيا ضايع ڪرڻ جو الزام هنيو، هو ته ڇنڇر ۽ آچر تي به عدالتون لڳائيندو هو، قوم کي ڇو نه ٻڌايو ته اهو پئسو ڪيئن هڙپ ڪيو ويو؟ وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ??هي 20 ارب رپيا غرق ٿي ويا هئا ته پوءِ ڪورونا ۾ پي ڪي ايل آئي ڪورونا جي مريضن جي ع??اج جي لاءِ هڪ وڏو مرڪز ڪيئن بڻجي ويو هو؟ اتي 200 وينٽي ليٽرز مشينون موجود هيون ۽ ان انسٽيٽيوٽ سان ڪورونا جا مريض ڏينهن ??ات شفاياب ٿي رهيا هئا. هن چيو ته اسان پي ڪي ايل آئي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ناليوارو معالج ڊاڪٽر سعيد اختر آمريڪا مان منهنجي چوڻ تي لکين ڊالر پگهار ڇڏي مريضن جي خدمت لاءِ پاڪستان آيو هو ۽ مون کيس چيو هو ته گردي سان گڏوگڏ جگر جي پيوندڪ??ري جو به اسپتال ۾ ان??ظا?? ٿيڻ گهرجي، ان کان اڳ پنجاب حڪومت اربين رپيا خرچ ڪري گردن ۽ جگر جي مريضن کي ع??اج جي لاءِ هندستان ۽ چين موڪليندي هئي. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ايل آئي ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مريضن کي پڻ مفت پيوندڪ??ري جي سهولت ڏني وئي آهي، پي ڪي ايل آئي جي ڇٽيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ هيپاٽائيٽس جي ع??اج جي سينٽرز کي پڻ اتان هٽائي اڳوڻي حڪومت ٻين اسپتالن سان ڳنڍي ڇڏيو هو. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ج?? قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سڄي صوبي جي اسپتالن ۾ جديد سهولتون فراهم ڪيون ويون، اٽڪ، جهلم، راولپنڊي ۽ ليه سميت مختلف شهرن ۾ جديد ليبارٽريون قائم ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته عوامي خدمت جي ميدان ۾ سياست کي شجر ممنوعه هجڻ گهرجي، ڪا به حڪومت اچي يا وڃي صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اچو گڏجي ملڪ ک?? قائد ۽ اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ گڏ ٿي وڃون ۽ غربت، جهالت، بيروزگ??ري ۽ بيمارين جو خاتمو ڪريون.