اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) پ??ڪس??ان يمن ۾ امن حاصل ڪرڻ جي لاء?? تازي ڳالهين ۽ سفارتي ڪوششن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان سعودي عرب جو ڪردار، اومان ۽ گڏيل قومن جي يمن با??ت خصوصي ايلچي جي ڪوششن ۾ سگهه جو سبب آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته يمن جي بحران جي پرامن حل جي لاءِ سعودي ڪوششون وقت سر آهن ۽ ان سان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ملندو. ترجمان چيو ته پ??ڪس??ان يمن جي بحران جي سياسي حل جي لاءِ ڳالهين ۽ مشاورت جي ذريعي پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.