اسلام ??باد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ل??گ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان مسلم ل??گ (ن) راولپنڊي جي مختلف ونگز جا تنظيمي اجلاس اڄ ٿيندا، سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اجلاسن جي صدارت ڪندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته سومر ڏينهن راولپنڊي جي تنظ??م، عورتن، سوشل ميڊيا جا جدا جدا اجلاس ٿيندا، اجلاس ۾ پارٽي جي راولپنڊي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو، پارٽي جي عورتن ۽ سوشل ميڊيا ون??ز کي وڌيڪ فعال ڪرڻ تي مشاورت ٿيندي.