اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻجڻ تي محسن نقوي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم ??يو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيا?? ڪريون ٿا، اميد آهي ته شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي چونڊن جون سڀئي گهرجون پوريون ٿينديون. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته محسن نقوي آئين جي گهرجن موجب ان ذميواري ۾ سرخرو ٿيندو. هِن ??يو ته منهنجي دعا آهي ته هو ان آئيني ۽ عوامي فرض ۾ ڪامياب بڻجي. وزيراعظم ??يو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر طور توهان جي مقرري جي آجيا?? ڪريان ٿو. وزيراعظم پنجاب جي نگران وڏي وزير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.