اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان روس جي بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) جي واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ فني تعاون جو اٺون اجلاس اڄ جمعي ڏ??نهن اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ٻڌايو ته ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ پاڪستان پاران آءِ جي سي جي گڏيل صدارت اقصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق جڏهن ته روسي وفد جي قيادت توانائي واري وزير نڪولائي شولگينوف ڪري رهيو آهي. آءِ جي سي هڪ جامع ٻطرفو مڪينزم آهي جيڪو گڏيل تعاون جي اهم مسئلن بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعت، ر??لو?? ۽ توانائي تي بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. آءِ جي سي آخري ڀيرو نومبر 2021ع ۾ روس ۾ منعقد ٿيو هو. آءِ جي سي جو جاري اجلاس 20 جنوري تي پڄاڻي تي پهچندو.