اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي ??در عبدالطيف آفريدي جي ق??ل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رحماڻي ق??ل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي ب??ان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي بي رحماڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين ص??رتحال جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عبدالطيف آفريدي جي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.