اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سرديءَ جي ??وسم ۾ ٻوڏ متاثر بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، سرندي وارا ماڻهو وڌي چڙهي ان ڪم ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرين جي ??شڪ??ات?? ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هلندڙ سرديءَ ۾ بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. وزيراعظم مينزيز ايوي ايشن گروپ ۽ الفسپارز گروپ پاران ٽانڪ ۾ متاثرين جي ??اءِ سئو گهرن جي عطيي تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن کي هلندڙ سرديءَ جي ??وسم ۾ ڇت جي ??راهمي ??ي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم ملڪ جي سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته اهي ان ڪم ۾ وڌي چڙهي حڪومت جي ??دد ڪن، اسان کي هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ڀينرن ??ائرن، ٻارن ۽ بزرگن کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.