اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو بنيادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عم??رت?? کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو جلد پ??ش ڪيو وڃي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعطم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ??ار?? وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي ??ار?? وفاقي وزير، توانائي ??ار?? وفاقي وزير، پارلياماني معاملن ??ار?? وفاقي وزير، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد چيما، پيٽروليم ??ار?? مملڪتي وزير، ناڻي ??ار?? مملڪتي وزير، وزيراعظم جي ناڻي ??ار?? خاص معاون ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عم??رت?? کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پلان جلد کان جلد پ??ش ڪيو وڃي. وزيراعظم کي سڄي ??لڪ ۾ گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي انفراسٽرڪچر/ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.