اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڊاڪٽر اسد مجيد خان کي نئون پرڏيهي ??يڪ??يٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي نئين پرڏيهي ??يڪ??يٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪستان فارن سروس جو سينيئر آفيسر آهي ۽ کيس پاڪستان جي 31 هين پرڏيهي ??يڪ??يٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان ج?? سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنج?? سفارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي ا??م سفارتي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پاڪستان ج?? سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل ??يڪ??يٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پاڪستان جي عبوري ناظم الامور، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي ??يڪ??يٽريٽ ۾ ايڊيشنل ??يڪ??يٽري (پرڏيهي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر اسد مجيد خان ڪيوشو يونيورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل اڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ ??و ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.