اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي دوري دوران و??مين چيمبر آف ڪامرس سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير معاشري ۾ عورتن جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪاروباري عورتن جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستانج ي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان عورتن جي ڪاروبار جي ذريعي تيار ڪيل مصنوعات جي درآمد کي خاص ترجيح ڏيندو.