اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان کي عدالت وڃڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته عمران خان بس گهڻو ٿي ويو، فارن فنڊنگ، ڪرپشن ۽ مني لا??ڊرنگ جو جواب ته ڏيڻو پوندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گهڙيءَ عمران خان 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي ۽ هينڊلر جي ذريعي 28 ڪروڙ جي وڪرو ڪئي، پئسا ??ني لا??ڊر ٿي پاڪستان آيا ۽ ڊڪليئر نه ڪيا ويا. هن چيو ته عمران خان پاڪستان، دبئي، مريخ يا پوءِ چنڊ تي ڪٿي به ڪيس ڪري، رسيدون ته اتي به ڏيڻيون پونديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڀڀڪيُون نه هڻي، سوال اهو آهي ته گهڙيءَ 2 ڪروڙ جي خريد ڪئي 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي، پئسا ??اڪستان فرح گوگي آندا ۽ پئسا ڊڪليئر نه ڪيا. هن چيو ته عمران خان اعلان نه ڪري، عدالت وڃڻ جي تاريخ ٻڌائي. عدالت وڃڻ جي تاريخ سان گڏ گهڙيءَ وڪرو ڪرڻ جي رسيد به ٽوئيٽ ڪري. هن چيو ته عمران خان 2 ڪروڙ ۾ گهڙيءَ خريد ڪري 28 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪئي ۽ ان کي ڊ??ليئر نه ڪيو، ان ۾ شاهزيب، جي?? ۽ ??ير ابراهيم جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن چيو ته عمران خان صاحب ٻڌائي ته گهڙيءَ جا پئسا ??اڪستان ڪنهن آندا ۽ ڪيئن آندا؟ هن چيو ته عمران خان توهان جا ه??نڊلرز فرح گوگي ۽ شهزاد اڪبر پڪڙيا ويا آهن، عمران خان ٻين تي ڪوڙا الزام هڻي جڏهن ته پاڻ سڳ سُوڌو پڪڙيو ويو ته چيو ته بي بنياد الزام آهن. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ڪوڙن الزامن تي سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکي?? ۽ ??اڻ تي ڏوهه ثابت ٿيو ته بي بنياد هُجڻ جو روڄ راڙو شروع ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان توشه خانه ڪيس جي ڪنهن به نوٽيس جو جواب نه ڏنو ۽ ڪنهن جاچ ۾ شامل نه ٿيو.