اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زر??اري ۽ ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ جي وچ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ پاڪستان سميت سمورن ميمبر ملڪن ۾ ڊيجيٽل اڪانومي ۾ ٺوس ترقي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل دماح اليحييٰ پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زر??اري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن جي باني ميمبر طور پنهنجون ذميوارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ??لا??ل ڀٽو زر??اري چيو ته ڊيجيٽل ڪارپوريشن آرگنائيزيشن ۾ نوجوانن جي لاءِ ڊيجيٽل تعليم جي شعبي ۾ معاونت ڪري، پاڪستان بدلجندڙ دنيا سان گڏ قدم کان قدم ملائي هلڻ لاءِ تيار آهي.