سرينگر – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد مو??ي جي فسطائي ڀارتي حڪومت پاران 2019ع ۾ ان ڏينهن کڻندڙ غيرقانوني قدمن جي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مو??ب مو??ي حڪومت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي ڪندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ج?? خصوصي حيثيت ختم ڪري قبضي واري علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪري ورتو هو. اڄ هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال جڏهن ت?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي گادي وارن شهرن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ڇڪرائڻ جي لاءِ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينارز ۽ ٻيا پروگرام ڪرايا پيا وڃن. ٻئي طرف ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي گهر ۾ غيرقانوني نظربندي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن، قابض انتظاميا مو??ي حڪومت پاران ڀارتي ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ج?? خصوصي حيثيت کي ختم ڪرائڻ کان هڪ ڏينهن 4 آگسٽ 2019ع تي ان کي گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو هو.