اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر سڄي ملڪ ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جون ڊائمنڊ جو??لي تقريبون شاندار طريق?? سان ملهائڻ جي لاءِ پلان جو جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊائمنڊ جو??لي جي جشن کي قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ ٻڌي جي فروغ جو يادگار موقعو بڻايو ويندو. تقريبن ۾ سڄي ملڪ جي سمورين ثقافتن ۽ وفاق پاڪستان جي سمورن رنگن کي شامل ڪيو ويندو. نوجوانن جي جشن آزادي تقريبن ۾ مقابلن ۾ ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه جي حوال?? سان سان تجويز ڪيل تقريبن ۽ تيارين جي انعقاد جو جائزو پڻ ورتو وي??. ا??لاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر پاران 75 سالا تقريبن جي حوال?? سان ??فص??لي بريفنگ ڏني وئي. جشن آزادي جي موقعي تي نغمن جا مقابلا ۽ ان ۾ حصو وٺندڙن بابت ??فص??لن کان آگاهه ڪيو وي??. ا??لاس کي ٻڌايو ويو ته ملي نغمن جي مقابلن ۾ حصو وٺڻ جي تاريخ 30 جون مقرر ڪئي وئي هئي، پهرين کان 9 جولاءِ تائين مقابلن ۾ شري?? ٿيندڙن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويندو، شارٽ لسٽ ڪيلن کي اسلام آباد گهرايو ويندو، مقابلا کٽيندڙ اميدوار جو ملي نغمو 11 کان 14 آگسٽ 2022ع تائين قومي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيند??. ا??لاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ سمورن پاڪستاني سفارتخانن ۾ به 75 هين سالگرهه جي حوال?? سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ملڪ گير تقريبن جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪي??. ا??لاعات واري وزير قومي تقريبن جون تياريون ڪندڙ ٽيمن ۽ ڊپارٽمينٽس جي جذبي ک?? ساراهيو.