ڪراچي- 09 جون ( اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لي??قت ح??ين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عامر لي??قت ح??ين کي ڳڻتيءَ جوڳي ??الت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عامر لي??قت کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪو هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ ??ار??م ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ عامر لي??قت جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اباڻي گهر خداداد ڪالوني ۾ هو ان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿيا??ين ته هو بيهوشي جي حالت ۾ بستري تي پيو هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، عامر لي??قت جي ملازم جاويد جو چوڻ آهي ته گذريل رات عامر لي??قت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال هل?? لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ صبح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آواز به آيو هو. ڊاڪٽر عامر لي??قت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عامر لي??قت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ ??ار??م رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.