اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائري??ٽر فهيم الله ڳجهي سرڪاري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري کي فراهم ڪ??ي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري کان بچي فرار ٿي ويو هو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته نيب عدالت جي ??دد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اداري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائري??ٽر فهيم الله کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهيم الله گرفتاري جي ??ارنٽ بابت معلومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائري??ٽر رفيق احمد را??پر کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم الله اها معلومات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائري??ٽر يعقوب را??پر کي ڏني، يعقوب را??پر معلومات رفيق را??پر کي ڏني جنهن جي ڪري هُو ??وقعي تان فرار ٿي ويو ۽ گرفتاري کان بچي ويو. انڪوائري کانپوءِ فهيم الله جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪ??ي هئي. صدر فهيم الله جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا کي برقرار رکيو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي پنهنجي ??يصلي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهيم الله کان ٿيندي رفيق را??پر تائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار فرار ٿيو، فهيم الله، يعقوب را??پر ۽ رفيق را??پر جي ??چ ۾ رابطو به ثابت ٿي ويو. هن چيو ته فهيم الله ۽ يعقوب را??پر جي ??يليفون جي ??رانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي ??يصلي ۾ چيو ته فهيم الله جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.