اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي، آزاد ڪشمير جي و??ير??عظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت سمور??ن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيدالفطر جي م??ار??باد ڏ??ي آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽيليفون ڪئي، کيس عيدالفطر جي م??ار??باد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??ير??عظم سردار تنوير الياس کي ٽيليفون ڪئي ۽ اهل ڄمون ۽ ڪشمير کي عيد جي م??ار??باد ڏني. و??ير??عظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام تي عيد جي نماز جي اجتماعن تي پابندين جي مذمت ڪئي. هن ڪشميرين کي ريفرنڊم ملڻ تائين ڀرپور سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم شهباز شريف ٽيليفون تي سنڌ، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ بلوچستان جي وقتي گورنر کي پڻ عيد جي م??ار??باد ڏني. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي ٽيليفون ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير جي ٻاهرئين ملڪ دوري تي هجڻ جي ڪري و??ير??عظم جي ساڻس ڳال??ه ٻولهه نه ٿي سگهي. و??ير??عظم شهباز شريف سمور??ن اتحادي پارٽين جي اڳواڻن، وڏن وزيرن کي ٽيليفون تي عيد جي م??ار??باد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ عيد جي م??ار??باد ڏني. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو و??ير??عظم کي م??ار??باد ڏني ۽ ٽيليفون ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. و??ير??عظم شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان پڻ ٽيليفون تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي، عيد جي م??ار??باد ڏني ۽ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دورن تي و??ير??عظم کي م??ار??باد ڏني. و??ير??عظم جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي م??ار??باد ڏني، ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، محسن داوڙ، خالد مقبول صديقي، سردار اختر مينگل، علامه ساجد مير ۽ خالد مگسي سان پڻ ٽيليفون تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي، عيد جي م??ار??باد ڏني. و??ير??عظم شهباز شريف محمود خان اچڪزئي، علي نواز شاهه، شاهه زين بگٽي، اسلم ڀوتاڻي، چوڌري سالڪ حسين سان پڻ ٽيليفون تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي ۽ عيد جي م??ار??باد ڏني. و??ير??عظم چوڌري سالڪ حسين کان چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت پڇي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.