اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي ??ي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ بي اعتمادي رٿ کي بنا ووٽنگ جي رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ ??ور??حال تي ورتل نوٽيس ڪي?? کي ٻڌي رهي آهي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو معاملو چيف جسٽس جو اختيار آ??ي. ??پريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر جي ڪجهه ميمبرن اعتراض ڪيو ته کين فل ڪورٽ بينچ گهرجي، اهو چيف جسٽس جو اختيار آهي ته فل ڪورٽ جوڙڻي آهي يا نه، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو پنج رڪني بينچ عدم اعتماد کي بنا ووٽنگ رد ڪرڻ تي پيدا ٿيندڙ سياسي ??ور??حال تي ورتل نوٽيس ڪي?? کي ٻڌي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ ان ڪي?? کي تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، مخالف ڌر کي عدليه جو احترام نظر ۾ ر??ڻ گهرجي. جهانگير ترين ۽ عليم خان بابت پڇيل سوال هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انهن بابت ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، ڌمڪي واري خط بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اهو حساس معاملو آهي هن وقت ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي، جلد ان بابت به ٻڌايو ويندو.