اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ماحولياتي پر??گرام (يو اين اي پي) پاران ماحولياتي نظام جي بحالي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جي اعتراف تي 10 بلين ٽري سونامي پر??گرام جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم يو اين اي پي جي ڄاڻايل رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته کيس پنهنجي ٽيم تي فخر آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسان تاريخ جي ان موڙ تي آهيون جتي اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڪستان ان اهم ڪوشش جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اسٽاڪ هوم پلس 50 جي ويب سائيٽ تي شايع ڪندڙ هڪ مضمون به شيئر ڪيو جنهن ۾ م??حوليات جي بهتري لاءِ پاڪستان جي تعاون جو ذڪر ڪيو ويو. ايو اين اي پي جي ايشيا ۽ پيسفڪ جي علائقائي ڊائريڪٽر Dechen Tsering چيو ته قدرتي ماحول جي وڏي پئماني تي بحالي جي قدمن سميت 10 بلين ٽري سونامي پر??جيڪٽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي کي سپورٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۾ م??ڪزي حيثيت رکي ٿو. پاڪستان لاءِ يو اين اي پي جي جامع رپورٽ ”ملڪ جي قدرتي، انساني ۽ پيدا ڪيل سرمائي بابت پنهنجي نوعيت جي پهرئين جائزي“ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت جا قدرتي ماحول جي بحالي جهڙا قدم نمايان آهن، مضمون ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گڏيل قومن جي ماحولياتي نظام جي بحالي جي ڏهاڪي 2021- 2030ع ۾ تقريبن هڪ سال گذرڻ کانپوءِ پاڪستان پنهنجي 10 بلين ٽري سونامي پر??جيڪٽ کي اڳتي وڌائي ??هو ڏيکاري رهيو آهي ته ان ڏس ۾ ڇا ممڪن آهي. ان پر??جيڪٽ تحت 2019ع کان ڊسمبر 2021ع جي وچ ۾ تقريبن 10،000 هنڌن تي 1.36 ملين ايڪڙ زمين تي 1.42 ملين وڻ پوکيا ويا آهن، پاڪستان جنهن 2021ع ۾ م??حوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪئي خاص طور تي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو شڪار آهي،??هو پراجيڪٽ شروع ٿيڻ کان پهرين ۽ خوراڪ ۽ زراعت واري اداري (FAO) جي تحقيق مان معلوم ٿيو ته ملڪ جو صرف پنج سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل آهي، پاڪستان جي حڪومت 2023ع تائين پنهنجي محفوظ علائقن کي 15 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي جيڪو 2018ع ۾ 12 سيڪڙو هئو، 2021ع جي وچ ڌاري ??هو 13.9 سيڪڙو ٿي ويا، 10 بلين ٽري سونامي نه رڳو بگڙجندڙ ماحولياتي نظام جي بحالي ۽ قدتي سرمائي کي بهتر بنائڻ ۾ م??د فراهم ڪري رهيو آهي پر ??هو مقامي آبادين جي ڪمائي جي ذريعي کي به سهارو ڏئي رهيو آهي.