اسلام ??با?? – 20 –; مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪ??ي. ??رڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??رڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگر??ه ملهائي رهيو آهي. مخدوم ش??هه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آهي. هن چيو ته مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم ش??هه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.