اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ايوان صدر ۾ مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي وسيع معاملن ۽ اهم علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار تي اط??ينان جو اظهار ڪيو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، دفاعي، سيڪيورٽي، رابطن، تعليم ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي خواهش کي ورجايو. هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي جي فريم ورڪ جي اندر وچ ايشيا سان رابطا وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي وضاحت ڪئي. صدر عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي ازبڪستان ۽ ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان علائقائي انضمام ۽ رابطي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٽرانس افغان ريلوي اهڙو ئي هڪ منصوبو هوندو جنهن سان زميني رابطو مضبوط ٿيندو. هن سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي رابطن جي لاءِ هوائي رابطي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي صدرن نوجوانن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??فغانستان ۾ امن ۽ استحڪام زميني رابطن جا فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پرامن افغانستان خط?? ۽ ??ن کان ٻاهر جي اقتصادي ترق?? ۽ ??وشحالي ۾ ڪردار ادا ڪندو. صدر عارف علوي پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي ايندڙ قدمن تي گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن/ معاهدن کي ساراهيو. هن چيو ته ??رجيحي واپاري معاهدي تي صحيحن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جون نيون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن تعليم، ثقافت، سلامت?? ۽ ??فاع ۾ تعاون تي اڳڀرائي ۽ هر سطح تي اقتصادي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائ?? ۽ ??المي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ازبڪ صدر کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪيو.