اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پاڪستان خ??دم??تياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، وقت اچي ??يو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين جو نوٽيس وٺي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشمير ۾ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جو اهتمام عالمي برادري جي ذميواري آهي. گڏيل قومن تي لازمي آهي ته والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت ۽ ڀارتي رياست جي ظالماڻي عسڪري قبضي کان آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي انهن جي ناقابل اعتراض ۽ انڪار خواهش کي نظرانداز نه ڪري. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ??يو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين، جن ۾ نسل ڪشي سميت انسانيت جي خلاف ڏوهن ۽ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي سميت جنگي ڏوهه شامل آهن ۽ جنيوا ڪنيونشن جي واضح خلاف ورزي آهي جو نوٽيس وٺي. وزيراعظم چيو ته خ??دم??تياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان پوري عزم ۽ اتحاد سان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مودي جي ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل فسطائي پاليسيون به والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جو روح ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.