اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عر?? امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ لاهور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جاني نقصان جي مذم?? ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي ولي عهد 20 جنوري 2022ع تي لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي سخت مذم?? ڪئي، جنهن ۾ ٽي مانهو فوت ۽ ڪيترائي ??خم?? ٿيا. هن سمورن متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ??خم??ن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تعزيت ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم گڏيل عر?? امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مختلف فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ گ??يل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳيتو ۽ خوشگوار رابطو پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.