اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آبپاشي جي حوالي س??ن سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبي ذخيرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي س??ن پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آبپاشي جي نظام جي بهتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي و??ڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي و??ري نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ حڪمت عملي، پاڻي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آبپاشي جي نظام کي و??يع ڪري غير آباد زمينن کي پوکي جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريائي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن تي سنجيدگي س??ن عملدرآمد کي يقيني بڻائي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي تعمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيبرپختونخوا ۾ پاڻي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي غذائي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻائي رهي آهي، وزيراعظم سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي پاڻي جي ذخيرن جي منصوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي س??ن پوکي جوڳي بڻائڻ کي ملڪي غذائي تحفظ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي و??ري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آ??يس??ن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير محمود خان ۽ اعليٰ صوبائي آ??يس??ن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.