اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري ??يف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم عمران خان اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي اسلامي تعاون تنظيم ۾ ان جي موثر ڪردار ۽ افغانستان ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ??اڪ??تان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي سط?? تي تعاون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳاپا آهن، ??اڪ??تان معاشي تعاون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سط?? تي رابطن جي ڏس ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري ??يف الدين عبدالله افغانستان بابت اسلامي تعاون تنظيم جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ کي افغانستان جي عوام کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ وقت سر قدم قرار ڏيندي ساراهيو. هن افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ??اڪ??تان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن ??اڪ??تان اچڻ تي پنهنجي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم عمران خان ۽ ??اڪ??تاني عوام جا ٿورا مڃيا.