اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وا??ار کي فروغ ڏيڻ لاءِ نئين منڊين جي ڳولا ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ وا??ار کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، ج??هن ۾ وزيراعظم جي افغانستان بابت ايلچي صادق خان وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ايوب آفريدي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڪريم خان، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي چيئرمين، ڪامرس سيڪريٽري ۽ انڊسٽري واري سيڪريٽري شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وا??ار، افغان ٽرانزنٽ ٽريڊ ۽ ٻاهرين ملڪ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر اسد قيصر ان موقعي تي چيو ته وچ ايشيائي رياستون وڏيون وا??اري منڊيون آهن، ج??هن تائين پهچ لاءِ ڪي پي ڪي، افغانستان گيٽ وي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته وا??اري خس??ري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ نئين منڊين جي ڳولا ضروري آهي، مقامي آبادي کي روزگار ??ي فراهمي ۽ ٻاهرين وا??ار کي فروغ ڏيڻ لاءِ اڳوڻي فاٽا ۽ پاڪ افغان باڊر کي اڪنامڪ زون قائم ڪيا وڃن، اسد قيصر چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ٻاهرين وا??ار ??ي فروغ لاءِ خصوصي ٽيڪينڪل گروپ جوڙيا وڃن، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فري ٽريڊ معاهدي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٻاهرين وا??ار ??ي فروغ جا سڀني کان وڌيڪ موقعا موجود آهن. ج??هن سان وا??اري سرگرمين ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو آهي، هن هدايت ڪئي ته وا??اري سرگرمين ۾ ڪ??هن به صورت ۾ رڪاوٽ نه اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ٽرانزٽ ٽريڊ جي مصنوعات جي پيداوار شروع ڪرڻي آهي ان حوالي سان افغان سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي، اسان وٽ پيداور جي گهٽتائي آهي ت??هن ڪري اسان کي پنهنجي پيداوار کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اسان انٽرنيشنل مارڪيٽ تائين پهچ چاهيون ٿا ته جيئن پاڪستاني مصنوعات کي عالمي سطح تائين متعارف ڪرايو وڃي. ملڪ ۾ وا??اري سرگرمين ۾ اضافي سان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو.