اسلام آباد – 26 –; نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس ترڪمانستا?? جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجل??س جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانستان جو صدر 15 هين سربراهه اجل??س جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجل??س جو مو??وع ”مستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪ?? جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو جائزو وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مدي وارو جائزو به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته ??ذر??ائيجان، ترڪمانستان، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظيم جا ميمبر آهن.