ميرپورخاص – 11 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته سي پي ايل سي جهڙا ادارا پوليس ۽ شهرين جي وچ ۾ بهتر رابطن جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن ٿا، سي پي ايل سي ۾ ڪيترائي گروپس رضاڪاڻي طور تي خدمتون ڏيندا رهيا آهن، هي اهو ادارو آهي جيڪو ڏوهن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، منشيات جي لعنت اسان جي معاشري ۾ خطرناڪ حد تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ جي لاءِ به قدم کڻن جي ضرورت آهي. ميرپورخاص ۾ سي پي ايل سي جي افتتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته منشيات اسان جي معاشري کي نقصان پهچائي رهي آهي، ٻار نشي جا عادي ٿي وڃن ٿا، معاشري کي اڳ ۾ خبر پئجي وڃي ٿي، گهر وارن کي بعد ۾ خبر پوي ٿي. صدر چي?? ته توهان کي ان جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن ان برائي کي پکڙجڻ کان روڪي نوجوانن جي مستقبل کي مح??وظ بڻائي سگهجي. هن چي?? ته سنڌ جي گورنر کي چوندس ته سکر، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي ۾ به ادارا ٺاهيا وڃن. هن چي?? ته ميرپورخاص ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. صدر چي?? ته مصنوعي ذهانت جي ذريعي لکي?? ماڻه?? مان گهربل شخص جي ڳولا هڪ آسان عمل آهي، اهڙي ٽيڪنالاجي جي استعمال سان تحقيق جو عمل وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عمران اسماعيل چي?? ته سي پي ايل سي شاندار ادارو آهي، جتي عام ماڻهو به پوليس تائين موثر پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته نوجوانن کي به هن اداري ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ادارو وڌيڪ اڳتي وڌي سگهي. اسان جي ڪوشش آهي ته پڙهيل ??کيل ??وجوانن ۽ عورتن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. جيستائين مقامي ڪميونٽي کي شامل نه ڪيو وڃي مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن. تقريب ۾ سي پي ايل سي چي?? مح??د زبير حبيب پڻ اداري جي اهميت ۽ فائدي تي روشني وڌي.