اسلام آباد -19 سيپٽمبر (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي اليڪٽرانڪ ووٽر مشين (اي وي ايم) ذريعي چونڊون ڪرائڻ جو رستو ڏيکاريو ويو آهي. جمهوريت، پارليامينٽ جي وقار جي بحالي ۽ غيرتڪراري چونڊن لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻو پوندو. ماضي ۾ چونڊن دوران تڪرارن سبب چونڊون غير مستحڪم رهيو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين سياسي بحران رهيا. اليڪشن ڪميشن کي واضح ڪرڻو هوندو ته ان سلسلي ۾ سنجيده آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪن??ي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت وٽ وسيلا هئڻ سبب پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اي وي ايم پڻ هڪ سنجيده ڪوشش آهي. وزيراعظم عمران خان جنهن ماضي ۾ ڪرڪيٽ جي بنياد ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اهڙي طرح وزيراعظم چونڊجڻ بعد اڃا تائين ڪو به تڪرار سامهون نه آيو ۽ هو چاهي ٿو ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن??ي چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي حوالي سان جن پوائنٽس جي فهرست ڏني اهو مضحکه خيز هو ۽ اليڪشن ڪميشن جي پنهنجي خلاف هڪ چارج شيٽ هئي. ڇاڪاڻ ته هن انهن ووٽنگ مش??ن جو جائزو ئي نه ورتو. فلپائين وانگر ڪيترن ئي ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??ن جي استعمال سان نه صرف تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي بلڪه صاف ۽ شفاف چون??ن جا نتيجا سامهون آيا آهن.