اسلام آ??اد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار عامر شڪيل جندران ??ي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ??نه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته جهلم ضلعي جي تعلقي پنڊ دادن خان جي ڳوٺ پنڊي سيدپور ج?? جوان نائب صوبيدار عامر شڪيل جندران وزيرستان ۾ ذميواريون سرانجام ڏيندي شهيد ٿيو، 17 گوليون ڇاتيءَ ۾ لڳيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم جا قبرستان انهن شهيدن جي رت سان مهڪن ٿا. وطن جي مٽيءَ گواهه رهجان، اسان ??ي توهان تي فخر آهي.