اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايف بي آر وف??قي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي جي خ??اف صدر کي اپيل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف بي آر عملدارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آر جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان جعلسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ر??ڊ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود ملوث عملدارن جي خ??اف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. وف??قي ٽيڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي هئي. ايف بي آر صدر جي حڪمن ۽ وف??قي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پي?? ڪرڻو هو. صدر ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار عملدرآمد رپورٽ وف??قي محتسب کي پي?? ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏيڻ ۽ انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.