اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان قوم کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪريو ۽ ماسڪ ضرور پايو ٻي صورت ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، پاڪ فوج روڊن تي نڪري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي، حڪومت هاڻي سختي ڪ??دي، هو ڪورونا وائرس جي حوالي سان قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، وفاقي وزير اسد عمر، ??طل??عات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، قومي صحت وارو خاص مددگار ۽ قومي رابطا ڪميٽ?? ۾ ??رڪت ڪندڙ به ان موقعي تي موجود هئا. وز??را??ظم چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪ??سن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، آئون قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ايس او پيز تي عمل ڪيو، وز??را??ظم چيو ته اسان بار بار عوام کي چئي رهيا آهيون ته اهي ايس او پيز تي عمل ڪن، پر ماڻهو ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ماسڪ پائڻ سان اڌ مسئلو حل ٿي ويندو آهي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسان کي اهي قدم کڻڻا پوندا جيڪي ڀارت کڻي رهيو آهي، خدا نه ڪري جيڪڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي وڃن ته شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. وز??را??ظم چيو ت?? لاڪ ڊائون سان دڪاندار ۽ فيڪٽرين جي مالڪن سميت سڄي قوم متاثر ٿيندي آهي پر ڏهاڙيدار ۽ غير طبقو بلڪل پيڙهجي ويندو آهي، لاڪ ڊائون جا مشورا ڏنا پيا وڃن، پر اڃان اسان اهو نه ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان کي معاشري جي ڪ??زور طبقن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڏهاڙيدار مزدور روزاني ڪ??ائيندو آهي تڏهن هو ۽ سندس ٻار کاڌي کائڻ جي قابل ٿيندا آهن، اسان کي مشڪلاتن جو احساس آهي پر جيڪڏهن ڪورونا وائرس سبب متاثر ڪيس وڌي ويا ته آخر اسان ڪيستائين لاڪ ڊائون کان بچي سگهنداسين. وز??را??ظم چيو ته گذريل رمضان المبارڪ دوران عوام احتياط ڪيو جنهن جي ڪري صورتحال بهتر هئي، پاڪستان ۾ مسجدون بند ناهن ٿيون، عالمي سڳورن عوام ۾ ايس او پيز جي حوالي سان شعور اجاگر ڪيو.