اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي برابر حقن کي يقيني بڻائڻ جي ايجنڊا تي گامزن آه??، اسلامي تاريخ، آزادي جي تحريڪ ?? عورتن جو مثالي ڪردار رهيو، جرنلسٽ پروٽيڪشن بل ۾ عورت صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو پيو و??ي، عورتن جي حقن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي لاءِ مذهبي، ثقافتي قدرن ۾ رهندي ذهن سازي ڪرڻ و??ت جي اهم ترين ضرورت آه??، سائبر ڪرائم، هراسان ڪرڻ ۽ ٻين وڌندڙ منظم ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قانونسازي سميت ٻيا قدم کنيا پيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آه?? ته عورتن کي معاشرتي تحفظ حاصل هجي. هو ايوان صدر ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.