اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي ??ڪر??ري بڻائي ملڪ ۽ جمهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪومت جي خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شريف جي تقري?? تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي سمورين وڏين اخبارن ۾ نواز شريف جي هيڊ لائين آهي ته ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واضح موقف تي قائم آهي ته ڪن??ن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.