ڪوئيٽ?? – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ بلوچستان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جا??ي ۽ مالي نقصانن، بحالي جي قدمن، صوبي ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال ۽ ازالي جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ جاري ۽ مستقبل جي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان قدمن جو جائزي اجلاس جمعي ڏينهن ه??ي منعقد ٿيو، دفاعي پيداوار واري وفاقي وز??ر زبيده جلال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر اسد عمر، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، بلوچستان جو وڏو وز??ر ڄام ڪمال خان، صوبائي وز??ر، اين ڊي ايم اين اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، بلوچستان جو چيف سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب بلوچستان جي چيف سيڪريٽري صوبي جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن جي صورتحال، جا??ي ۽ مالي نقصانن، انفراسٽرڪچر جي بحالي، عوام جي طبي سهولتن، راشن جي فراهمي ۽ رليف سرگرمين جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني.