اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت جي اولين ترجيح آهي ته سبسڊيز ??ي نظام کي من??م ۽ موثر بڻايو وڃي ته جيئن سرڪاري خزاني مان ڏنل امداد نه رڳو مستحقن تائين پهچي پر ان مان گهربل نتيجا حاصل ٿين، نظام ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ان حوالي سان عوامي مفادن ۾ فيصلا ڪري انهن تي عملدرآمد ڪري سگهجي، هو هتي حڪ??متي سبسڊيز ??ي نظام کي من??م ۽ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو صلاحڪار ??اڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداره ج??تي سڌارن وارو صلاحڪار ??اڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار شهباز گل، خاص مددگار ??اڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران، اڳوڻو ناڻي وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، ناڻي واري اڳوڻي وزير شوڪت ترين، حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا، عارف حبيب ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.