اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌ??يو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آهن. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پ?? ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ڪورونا وبا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي ک?? ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌ??يو ويو ته ڪورونا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايتن تي هيستائين سڄي ملڪ جي م??تل?? اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪيا ويا آهن.