اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ نماز ادا ڪن ۽ ڪوويڊ – 19 بابت احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي يا عالمن سان معاهدي تحت هدايتن ت?? عمل نٿو ٿئي ته نماز ۽ تراويح جي باري ۾ فيصلي تي حڪومت نظرثاني ڪند??. پ??هنجي هڪ بيان ۾ صدر چيو ته عالم سڳورن سان معاهدي جي پهرين 17 ن??تا نماز ۽ تراويح جي دوران حفاظتي قدمن کي اجاگر ڪن ٿا، انهن احتياطي تدبيرن تي پوري دنيا ۾ اتفاق راءِ آهي، هن چيو ته انهن احتياطي تدبيرن ت?? عملد??آم?? امام مسجد، مسجد ڪميٽين، ضلعي انتظاميه ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل ذميداري آهي.