بيجنگ – 17 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي قيادت گڏيل چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق ڪالهه اڱاري ڏي??هن صدر ڊاڪٽر عارف علوي ?? سندس چيني هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ گريٽ هال بيجنگ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي سمورن رخن کي بحث هيٺ آندو ويو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته مشڪل وقت ۾ چين جي دوري تي ٿورائتا آهيون.