لاهور- 21 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن
نقوي،7/24 اوپن پاسپورٽ آفيس گارڊن ٽائون جو اوچتو دورو ڪيو. وفاقي
وزير پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پاسپورٽ
ٺهرائڻ واري عمل جي باري ۾ پڇاڻو ڪيو. پاسپورٽ ٺهرائ?? جي عمل تي
اطمينان جو اظهار ڪندي شهرين چيو ته 24 ڪلاڪ پاسپورٽ آفيس کليل رهڻ
سبب بي پناهه رش ختم ٿي وئي آهي. وفاقي وزير مختلف ڪائونٽرن تي ويو ۽
شهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن ڪجهه شهرين جا مسئلا موقعي تي حل
ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنا. ڪجهه شهرين علائقي ۾ ايجنٽ مافيا جي ش??ايت ڪئي.
وفاقي وزير فوري طور نوٽيس وٺندي ايف آءِ اي کي اڄ ئي فوري ڪريڪ
ڊائون جو حڪم ڏنو. هن چيو ته شهرين کي سهولتون سڀ کان وڌيڪ عزيز
آهن. پاسپورٽ ملڻ ۾ دير جي ش??ايتن جو ازالو ڪيو پ??و وڃي، جڏهن ته شهرين جو اعتماد منهنجي لاءِ اطمينان جو سبب آهي.