اس??ام آباد– 18 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??نيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ 21هين ڊي – 8 پرڏيهي وزيرن واري ??ائ??نسل جي اجلاس جي موقعي ??ي ايران جي پرڏيهي وزير س??د عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هنن سياسي ۽ اقتصادي شعبن ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا سان ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار ??ي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ سميت عوام سان عوام جا رابطا وڌائڻ ??ي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم فلسطين تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪندي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.