اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي م??ڪن جي عوام خاص طور تي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ڪراچي ۾ چين ??ي ڪاروباري وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد ??لي شاهه، صوبائي وزيرن ۽ چين ??ي قونصل جنرل شرڪت ڪئي. صدر پاڪستاني م??يشت جي م??تلف شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ تي زور ڏنو. وفد ملڪي صحت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ ميڊيڪل سٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد معيشت جي م??تلف شعبن خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ، توانائي، ٽرانسپورٽ ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين ??هم معاملن تي گڏيل مفاد ۽ خيال رکن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل گهري دوستي آهي، گوادر پورٽ کي هڪ علائقائي واپاري ۽ اقتصادي م??ڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ منهنجو ويزن هو. هن چيو ته گوادر بندرگاهه سان نه رڳو علائقائي رابطا بهتر ٿيندا پر علائقائي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي پڻ فروغ ملندو،م پاڪستاني چيني سيڙپڪارن کي ڀليڪار چوندو. صدر چيو ته پاڪستان چين ??ان اقتصادي لاڳاپن ۽ ڪاروبار کي ترجيح ڏيندو، پاڪستان چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. صدر چيو ته سنڌ ۾ چيني زبان جا ڪورسز متعارف ڪرايا ويا آه??، چيني زبان جا ڪورسز پاڪستان ۽ چين ??ي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.