اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عدم پيروي ۽ ٻين سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ آئيني معاملن بابت گذريل ڏينهن ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻُڌڻي ڪئي ۽ اڪثر درخواستن کي ڪنهن نه ڪنهن سبب سان رد ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ درخواستن کي دائمي ترتيب ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا درخواستگذارن طرفان عدم پيروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکي??. آ??يني بينچ عام چونڊ 2024ع ۾ مبينه ڌانڌليءَ بابت 3 درخواستون عدم پيروي سبب اُڪلائي ڇڏيون. ٻُڌڻي شروع ٿيڻ تي درخواستگذار عب??القيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئ??. آ??يني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جي ٻُڌڻي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ سياري جي موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌليءَ خلاف پنهنجي درخواست کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بينچ درخواست منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ آئيني بينچ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظ??هر علي اڪبر نقوي جي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست تي به اُڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته مظ??هر علي نقوي کي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن بدانتظامي جي بنياد تي سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مظ??هر نقوي جي وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان رابطو قائم ناهي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ پاڪستان جوڊيشل ڪميشن پهريائين کي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.