اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئر مي?? محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري نئين تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ اوچتو دورو ڪيو، 53 ڏينهن ۾ اسٽيڊيم جو مجموعي طور تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو جنهن ۾ مين بلڊنگ جو اسٽرڪچر 100 سيڪڙو، پويلين 90 سيڪڙو جڏهن ته انڪلوزرز جو تعميراتي ڪم 75 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. محسن نقوي کي ٻڌايو ويو ته تماشائين جي سيٽن لاءِ اسٽرڪچر جي تعمير ۽ خندقن جو ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. پي سي بي چيئرمين پويلين فلورز تي ڪيل جاري ڪم جو جائزو ورتو ۽ خندقن جي ٻنهي پاسي گرل لڳائڻ جي هدايت ڪئي. هن قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر ??عمير جي ڪم تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو . محسن نقوي جو چوڻ هو ته 10 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر ??عمير جي ڪم جي باقاعده شروعات ڪئي و??ي هئي الحمد الله 53ڏينهن ۾ انتهائي تيز ۽ اعليٰ معيار سان ڪم ڪيو ويو ۽ ڏينهن رات ڪم جاري آهي.