ماسڪو-04 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آه?? ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي هٿي ملي رهي آهي، توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ اقتصادي سهڪار ٻنهي ملڪن لاءِ اهم آهي. ماسڪو ۾ جاري پاڪستان ۽ روس وچ ۾ نائين بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڏهاڪا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان روس سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. روس جي وزير چيو ته روس ۽پاڪستان جا لاڳاپا پراڻي دوستي ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. پاور ڊويزن موجب روس ۽ پاڪستان وچ ۾ 8 ??عا??دن تي صحيح ڪئي وئي. ڪامسيٽس ۽ پشاور يونيورسٽي جا روسي تعليمي ادارن سان ??عا??دا ٿيا جڏهن ته نيوٽيڪ جو به روسي يونيورسٽي سان ??عا??دو طئي ٿيو آهي. ٻين ??عا??دن ۾ انسولين جي تياري جي حوالي سان به ٻنهي ملڪن وچ ۾ ??عا??دا طئي ٿيا. ٻطرفي واپار ۽ صنعتي شعبي ۾ سهڪار بابت به ??عا??دو طئي ٿي ويو. پاڪستان ۽ روس وچ ۾ واپاري ۽ معاشي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان به ??عا??دي تي صحيح ڪئي وئي.