پشاور-28 نومبر (اي پي پي) خي??رپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان اوورسيز بزنس فورم برطانيا جي نمائندي وفد چيئرمين محمد فاروق خان جي قيادت ۾ گورنر ھائوس ۾ مل??قا?? ڪئي. گورنر ھائوس پشاور مان جاري بيان مطابق وفد گورنر کي فورم جي انتظام ھيٺ برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ پاڪستاني شين ۽ ڪاروبار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ لاڳاپيل خدمتن کان آگاھه ڪيو. ان موقعي ??ي خي??رپختونخوا جي گورنر وفد سان ڳالھائيندي چيو ته خي??رپختونخوا جي ڪاروباري شعبي کي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي ضرورت آھي، صوبي ۾ سياحتي شعبي جي ترقي لاءِ لاڳاپيل معاملن کي آسان بڻائڻو پوندو. وفد گورنر کي ٻڌايو ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڀيٽ ۾ خي??رپختونخوا مان ايڪسپورٽ نه ھجڻ جي برابر آھي. وفد چيو ته برطانيا سميت سمورن يورپي ملڪن ۾ خي??رپختونخوا جي ڪاروباري نمائش لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاھيون ٿا.